حيدرآباد: قرت العين  قتل ڪيس: جوابدار عمر ميمڻ جي ضمانت واري درخواست رد

0
198
حيدرآباد: قرت العين

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد جي بئراج ڪالوني ۾ مڙس جي مبينا تشدد ۾ قتل ٿيل ناري جي مڙس عمر ميمڻ پاران عدالت ۾ ڏنل ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي آهي

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ  قرت العين عرف عيني بلوچ جي  قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس مڙس عمر ميمڻ جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري ڇڏي

14 جنوري تي جوابدار جي وڪيل ۽ فريادي ڌر جي وڪيلن دليل مڪمل ڪيا هئا جنهن بعد  فورٿ ايڊيشنل سيشن جج غلام مرتضي بلوچ فيصلو محفوظ ڪيو هو

15جولاءِ تي بئراج ڪالوني ۾ جوابدار عمر ميمڻ پنهنجي زال عيني کي مبينا تشدد ڪري قتل ڪيو هو، واقعي جو ڪيس بلديا ٿاڻي جي پوليس 16 جولاءِ تي داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو هو