شهلا رضا طرفان قرت العين ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرائڻ جي خاطري

0
598

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مڙس هٿان قتل ٿيل ناري قرت العين جي وارثن طرفان پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي آھي، صوبائي وزير شهلا رضا سان ملاقات دوران پوليس جي جاچ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو، ناري جي وارثن طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو، ناري جي وارثن چيو آهي ته ڪمري ۽ بيڊ تان شاهديون ٻيهر گڏ ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وڃي، ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو به مطالبو ڪيوويو، جڏھن تھ ان موقعي تي شھلا رضا قرت العين جي وارثن سان ڏک ونڊيو ۽ چيو تھ قرت العين جي قتل تي ڏک پھتو آھي، شهلا رضا طرفان قرت العين جي وارثن کي سهڪار ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آھي.