سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن سبب 6 ڄڻا اجل جو شڪار

0
236
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن سبب 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ٻانڌي ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ روھڙي واسي واصف، عارف سروھي ۽ ٽنڊوآدم واسي اطھر شاھه فوت ٿي ويا، جڏھن تھ بڇيري ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن رحمت الله چانڊيو حياتي وڃائي ويٺو، سيوهڻ ڀرسان رڪشا جي ٽڪر بعد موٽر سائيڪل سوار روڊ تي ڪري پيو، پويان ايندڙ ٽئنڪر نوجوان عيدن پرارو کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ڪراچي کان عيد ملهائڻ لاءِ صدر جي ڀٽيون ويندڙن سان نوري آباد وٽ حادثو پيش آيو، ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 42 ورهين جو گلشاد شاهه بخاري فوت ٿي ويو.