شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج اورنگزيب شاھ جي عدالت جوابدار رب رکيو چانڊيو کي ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. ياد رھي ته 5 مھينا اڳ ميروخان پوليس جوابدار رب رکيو چانڊيو کي ڦورو سمجهي سيني ۾ گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو ھو، جنھن جو ڪيس شھدادڪوٽ جي ماڊل ڪورٽ ۾ وڪيل ايڊووڪيٽ صدام کوسو معرفت ھلايو ويو، جنهن تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جوابدار مٿان ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي عدالت جوابدار رب رکيو چانڊيو کي ٻن ڪيسن مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ميروخان پوليس جوابدار مٿان 3 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا ھئا.