سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ موت جي سزا آيل جوابدار کي ٻنھي ڌرين ۾ صلح ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ قتل ڪيس ۾ موت جي سزا آيل جوابدار نور عرف نوري لولائي طرفان داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل شبير احمد بوزدار عدالت کي ٻڌايو تہ فريادي ڌر ۽ جوابدار وچ ۾ صلح ٿي وئي آھي جنھن جا سمورا ڪاغذ معزز عدالت آڏو پيش ڪيا ويا آھن، وڪيل شبير بوزدار موجب عدالت پاران موت جي سزا آيل جوابدار نورل لولائي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج گھوٽڪي جي عدالت 22 جنوري 2020ع تي جوابدار نورل لولائي مٿان مسمات گلزار جاگيراڻي کي قتل ڪرڻ ثابت ٿيڻ تي کيس سزائي موت ۽ 10 لک روپيا ند ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ھئي، جڏھن تہ 3 نومبر سال 2010ع ۾ ڪچو ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار نورل لولائي ۽ ٻين جوابدارن مسمات گلزار لولائي کي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري کيس قتل ڪيو ھو، اھڙو ڪيس مقتول عورت جي پٽ ولي محمد لولائي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو.