شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مختيار ڪار آفيس روڊ تي قائم ڊاڪٽر روشن سومرو جي نجي ڪلينڪ ۾ ڳوٺ ڪارڙا جي رھواسي عبدالحميد  سمورو جو 5 سال جو پٽ عمر فاروق فوت ٿي ويو.  عبدالحميد سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته بخار سبب پٽ عمر فاروق کي ڊاڪٽر روشن سومرو جي ڪلينڪ تي کڻي آيس، ڊاڪٽر جي غير موجودگي ۾ ڪمپائونڊر نادر پاران انجيڪشن هڻڻ سبب منهنجو پٽ فوت ٿي ويو آهي. ٻارڙي کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن ٻارڙو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، مڙھ کي وارثن تعلقي اسپتال مان کڻائي اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڊاڪٽر روشن سومرو ۽ ڪمپائونڊر نادر خلاف سخت نعريبازي ڪندي مٿس نينگر جي قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، اي سيڪشن پوليس نينگر جي لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر جاري ڪيو، مڙھ کي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، تعلقي اسپتال انتظاميا نينگر جو لاش ڳوٺ پھچائڻ لاءِ ايمبولينس به ڏني،وارث لاش کي چنگچي رڪشا ۾ ڳوٺ کڻائي ويا.ٻئي طرف اي سيڪشن پوليس ڪمپائونڊر نادر کي گرفتار ڪري ورتو.