ڳاڙهو  ( ن پ ا) ڳاڙهي ويجهو نوجوان جو لاش مليو آهي، نوجوان منان بلوچ ڪجهه ڏينهن کان گم هو. ان ڏس ۾ ڳاڙهي ويجهو ڳوٺ حاجي عارو بلوچ  جو 35 ساله نوجوان منان بلوچ ٽي ڏينهن پهرين گهران نڪري گم ٿي ويو هو، جنهن جو گذريل ڏينهن ڳوٺ ڀرسان درياء مان لاش مليو آھي. پرسرار فوت ٿيل منان بلوچ جي ڀاء واحد ڏنو بلوچ جو چوڻ هو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي سندس ڀاء جو ذهني توازن درست نه هو ٻئي طرف مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.