جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ڳوٺ داد محمد ڀٽي واسڻ ريما زال الهه بخش ڀٽي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ غلط آپريشن سبب فوت ٿي وئي. وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪندي دانهيو ته عورت کي آپريشن لاءِ اسپتال آندو، جتي هن آپريشن ذريعي نياڻي کي جنم ڏنو، جنهن کانپوءِ ان جي حالت خراب ٿي وئي. هنن چيو ته غلط آپريشن سبب عورت فوت ٿي آهي، نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.