حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي استادن ۽ ٻئي عملي پاران 10 سالن کان وڌيل پگهارون  نه ملڻ واري عمل خلاف تدريسي عمل جي بائڪاٽ ۽ احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. اسڪول جي استادن ۽ عملي جي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي گورنر، تعليم جي وزير، آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين عملدارن کي اپيل ڪئي وئي ته پبلڪ اسڪول جي استادن ۽ اسٽاف کي 10 سالن جون وڌايل پگهارون جاري ڪيون وڃن. گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته پبلڪ اسڪول جي انتظاميا پاران اسڪول جي ملازمن جون گذريل ڏهن سالن کان وڌيل پگهارون ته روڪيون ويون آهن پر اسڪول ۾ ڪرورڙين رپين جا ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. گڏجاڻي ۾ الزام هنيو ويو ته انهن ترقياتي منصوبن جي آڙ ۾ رقم خرد برد ٿئي ٿي. ان حوالي سان حيدرآباد جي موجوده ڪمشنر سان به ملاقاتون ڪيون ويون پر مسئلي جو حل نه ڪڍيو ويو آهي. گڏجاڻي بعد استادن ۽ ملازمن پرنسپال آفيس سامهون ڌرڻو هڻي احتجاج به ڪيو. احتجاج دوران وڌيل پگهارون نه ملڻ جي صورت ۾ ڪلاسن جي بائيڪاٽ ۽ احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو.