ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم مان ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، اين سي داخل،  ان ڏس ۾ شهر جي نيوسٽي واري علائقي مان 18 ورهين جي ناري راڻي مبينا طور اغوا ٿي وئي، جڏهن ته مزاحمت تي سندس امڙ  ثمينا تشدد ۾ زخمي ٿي پئي، ٻي طرف  بي سيڪشن ٿاڻي تي ناري جي مامي سبحان ميمڻ ۽ صدام ڪاتيار خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، هوڏانهن  ناري جي بازيابي لاء سندس معذور امڙ ثمينا ۽ والد محرم مهيسر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته صدام ڪاتيار  رشتي ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي هئي پر اسان ڪجھ وقت گهريو، پر هو زبردستي گهر ۾ گهڙي ڌيءُ کي اغوا ڪري ويو آهي، هنن چيو ته پوليس مدد نه ٿي ڪري، نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.