اداڪارا يمنيٰ زيدي ڪاميابيءَ جو سبب والدين کي قرار ڏئي ڇڏيو

0
324

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارا يمنيٰ زيدي پنهنجي ڪاميابي ۽ ترقيءَ جو سبب پنهنجي والدين کي قرار ڏئي ڇڏيو

يمنيٰ زيدي پنهنجي سالگره جي موقعي تي پنهنجي والدين جي شادي جي ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي تصوير انسٽاگرام اڪائونٽي تي شيئر ڪئي آهي. شيئر ڪيل پوسٽ جي ڪيپشن ۾ اداڪارا پنهنجي والده ۽ مرحوم والد جي لاءِ جذباتي پيغام لکيو ته هن سالگره جي موقعي تي مان پنهنجي امي ۽ بابا (مرحوم) بابت لکڻ چاهينديس

هن لکيو ته مان هنن سان گڏ جيترو وڌيڪ وقت گذاريو آهي مان محسوس ڪيو آهي ته مان ڪيتري خوش قسمت آهيان جو مون ۾ هنن جو خون آهي. هن پنهنجي والطين کي مخاطب ڪندي چيو ته مان واقعي قابل فخر ڌيءُ آهيان ۽ تمام صلاحيتن ۾ منهنجون ڪاميابيون صرف اوهان ٻنهي سبب آهن