ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) شهدادپور ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ انچارج سربراهه مقرر، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 19هين گريڊ جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر رمضان وساڻ کي شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪري کيس 20هين گريڊ جي ڊائريڪٽر واري عهدي جي ضافي چارج ڏني وئي آهي، جڏهن ته شهدادپور انسٽيٽيوٽ مان عبدالله ڪامران کي بدلي ڪري لمس ڄامشورو ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.