ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ جي حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي سامهون آئي آهي. پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس 22 مارچ (29 شعبان) اربع ڏينهن ٿيندو،موسميات کاتي جي بيان موجب رمضان جي نئين چنڊ جي پيدائش 21 مارچ جي رات 10 وڳي 23 منٽن تي ٿيندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه جو چٽو امڪان آهي ته 22 مارچ (29 شعبان) تي رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويندو، مطلب رمضان المبارڪ جي شروعات 23 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 22 مارچ تي ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ آسمان صاف يا جزوي طور جهڙالو هوندو.