ڪراچي (نمائندن وٽان ) ملڪ ۾ مهانگائي خلاف مذهبي تنطيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مڪمل شٽربند رهي، جڏهن ته ڪراچي سميت ڪجهه شهرن ۾ جزوي هڙتال ڪئي وئي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ هڙتال واري سڏ کي موٽ نه ملي، ڪراچي جي ڪورنگي ۽ ملير ۾ جزوي طور هڙتال رهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو، پبلڪ ٽرانسپورٽ به معمول کان گهٽ رهي، ڪراچي جي پراڻي آبادي وارن علائقن کارادر، لياري، لائيٽ هائوس، صدر، برنس روڊ، زينب مارڪيٽ ۽ ملير ۾ ڪاروبار بند رهيو، جڏهن ته لياقت آباد، نيو ڪراچي، ڪورنگي، ڪياماڙي، سرجاڻي ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ جزوي طور ڪاروبار بند رهيو، حيدرآباد ۾ مذهبي جماعت جي سڏ تي شٽر ڊائون هڙتال سبب شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽون الرحيم شاپنگ سينٽر، تلڪه چاڙهي، اسٽيشن روڊ، صدر، قاضي قيوم روڊ، لجپت روڊ، کوکر پاڙو، گول بلڊنگ، ٿڌي سڙڪ، آٽو ڀان روڊ، قاسم آباد مين روڊ، نسيم نگر، ڀٽائي ٽائون، پڪوڙا چوڪ، علي پيلس سميت ٻين علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو، لطيف آباد ۽ سٽي جي مختلف علائقن ۾ پيٽرول پمپ به بند رهيا، جنهن ڪري اسڪولن ڏانهن ايندڙ ويندڙ شاگرد ۽ والدين سخت پريشان رهيا، جڏهن ته آفيسن ۾ به حاضري معمول کان گهٽ رهي، سکر ۾ جزوي هڙتال رهي، جڏهن ته عبدالولي، عرض محمد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻو ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي شٽرڊائون رهي، ڪارڪنن جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ميرپورخاص ۾ مک ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽون بند رهيون، ٽي ايل پي جي ڪارڪنن حاڪم گشگوري، پير جاويد نقشبندي، فرحان جنھنجي، بلال قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، نوابشاهه ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، ڪارڪنن مشتاق جٽ، نعيم عطاري، اڪبر چشتي، مولانا عارف، اشفاق رضوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، قمبر ۾ تحريڪ لبيڪ جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ڪارڪنن ريلي ڪڍي، جيڪب آباد ۾ ٽي ايل پي پاران   شٽربند هڙتال ڪئي وئي. گمبٽ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، جنهن دوران ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو، راڻيپور ۾ به مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري فهيم قادري، مولوي فاروق گهانگهرو ۽ يعقوب گهانگهرو جي سربراهيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميرپورماٿيلو ۾ شٽر ڊائون بعد مولانا محمد علي گبول، غلام رسول ڪلوڙ، مولانا مشتاق پتافي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺل ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري رهبر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، تنگواڻي ۾ تحريڪ لبيڪ  پاڪستان جي سڏ تي  شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، وارهه ۾ هڙتال ڪري  حافظ محبوب جوڻيجو، طالب حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، رتيديري ۾ هڙتال ڪري عرس لولائي، حافظ صفدر علي قادري، مولانا محمد حسن بصري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميروخان ۾ شٽر بند هڙتال رهي، جڏهن ته عرضي ڀٽو چوڪ تي علي اڪبر ٽاٽڙي، عبدالقادر چچو، محمد يونس ۽ نورٽاٽڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نئون ديرو ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا سمورا ننڍا، وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ڄام صاحب ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري ڪارڪنن حسن علي شاهه، مولانا پيردل ڪرمي، حافظ گلشيرسڪندري، حافظ نورنبي سڪندري، جميل قادري ۽ بين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، سٺ ميل ۾ هڙتال ڪري حافظ عرفان قادري، گلاب قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنري، مورو، قمرالدين چانڊيو، ملڪ، مناھي، پرڻ، ڏيپارجا، سونھري فارم، ڪانڌڙا ڪالوني، دادو، ٽنڊوالهيا، ڇاڇرو، مبارڪ رند، ھالاڻي، چمبڙ، ڪڙيوگھنور، شادي لارج، جوهي،  ڏيئي، پنگريو، ملڪاڻي شريف، سجاول، ڪيٽي بندر، عثمان شاھ هڙي، ماتلي، ٽنڊو محمد خان، ميھڙ، بدين، نندوشھر، ھالا، ڦلجي اسٽيشن، دڙي، ميرپور ساڪرو، شڪارپور، خانپور، ڳڙهي ياسين، لکي غلام شاهه، ڳڙهي خيرو، سڳيون، ڪوٽ لالو، اڪري چودڳي، فيض گنج، پڪاچانگ، ڀنگو بهڻ، جلالجي چودڳي ۽ ٻين شهرن ۾ هڙتال ڪئي وئي، قاضي احمد ۾ جزوي طور ڪاروبار بند رهيو، ٽنڊو آدم ۾ جزوي هڙتال رهي، ٺري ميرواھ ۾ جزوي شٽربند هڙتال سبب 4 ڪلاڪ ڪاروبار بند رهيو، هوڏانهن مٺي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مهانگائي خلاف اعلانيل هڙتال کي ڪا به موٽ نه ملي، شهر ۾ سمورو ڪاروبار کليل رهيو.