دوداپور (ن پ ا) دوداپور ڀرسان پنهون واري علائقي ۾ ڏاهاڻي، بنگلاڻي ۽ ڪٽوهر تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ ڏاهاڻي برادري جا 3 ڄڻا مارجي ويا، پوليس پاران 3 ڄڻن کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾   دوداپور ويجهو پنهون ڀٽي واري ۾ 3 ڄڻا شوڪت ڏاهاڻي،  برڪت ڏاهاڻي ۽ جُڙيل ڏاهاڻي مارجي ويا آهن، ٽنهي ڄڻن کي پوليس پاران مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ٻي طرف  ڏاهاڻي ڌر طرفان ڪٽوهر ۽ بنگلاڻي ڌر مٿان ماڻھون مارڻ جو الزام لڳايو ويو آهي،  ان حوالي سان  انچارج سي آءِ  ڳڙھي خيرو فدا حسين چني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو آهي، جنهن ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا آهن  ۽ آپريشن هلندڙ آھي، واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل 3 ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪيا آهن، هوڏانهن  ڏاهاڻي ڌر جي چڱي مڙس خان محمد ڏاهاڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا ماڻھون پنهون ڀٽي کان واپس ڳوٺ اچي رهيا ته ڪٽوهر ۽ بنگلاڻي هٿياربدن قتل ڪيا آھن، جنهن سان سندن پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آھي.