شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي مبينا مالياتي اسڪينڊل ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ

0
204
مني لانڊرنگ ڪيس

لاھور (بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي مبينا مالياتي اسڪينڊل ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ، لاهور جي مقامي عدالت ليگي اڳواڻن جي ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي، ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ سندس پُٽ حمزه شهباز پيش ٿيا، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ليگي اڳواڻ عطاء تارڙ چيو آهي ته سياسي انتقام تحت مني لانڊرنگ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، شهزاد اڪبر جون پُراڻيون ڳالهيون ورجائي ڪيس کي مُنجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ظاهر ٿي ويو ته حڪومتي ڪيسز ۾ ڪوبه دم ناهي..