هڪ لک عمران خان به اچي وڃن ته به سنڌ فتح نٿا ڪري سگهن: سعيد غني

0
653

ڪراچي(م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته هڪ لک عمران خان به اچي وڃن ته به سنڌ فتح نٿا ڪري سگهن، لنڊن مان نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن ايم پي ايز پيپلز پارٽي سان رابطي ۾ آهن، پي ٽي آءِ جا ٻئي ميمبر اسيمبلي ۾ اپوزِيشن کي ڇڏي ڏنو آهي، ڪراچي کان پي ٽي آءِ جا ميبمر قومي ۽ صوبائي اسيمبلي به پ پ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الاڪئنس (جي ڊي اي) جي سنڌ جا ميمبر به پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن، هن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ۾ صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته وفاق لاڪ ڊائون مامري تي سياست ڪري رهيو آهي، پي ڊي ايم حڪومت جي لاءِ خطرو ناهي، سازش جي ذريعي پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم کان پري رکيو ويو، پ پ جلد حڪومت جي خلاف تحريڪ شروع ڪري سگهي ٿي، افغان عمل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته حڪومت افغان مسئلي تي سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ نه وٺي ڪري غلطي ڪري رهي آهي.