لاهور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهبازشريف کي مني لانڊرنگ ۽ اثاثا ڪيس ۾ ضمانت تي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران شهبازشريف جي ضمانت ٿيڻ بعد سندس وڪيل اعظم نذير تارڙ ضمانتي مچلڪا احتساب عدالت نمبر 2 ۾ جمع ڪرايا، ملڪ سيف کوکر ۽ چوڌري محمد نواز شهبازشريف جا ضمانتي آهن. شهبازشريف جو آزاد ٿيڻ تي راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اڳواڻن استقبال ڪيو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز ماڊل ٽائون ۾ شهبازشريف جو استقبال ڪيو، شهبازشريف ڪورونا سبب ڪارڪنن کي استقبال لاءِ اچڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ياد رهي ته نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شهبازشريف کي گذريل سال سيپٽمبر ۾ گرفتار ڪيو هو، خميس ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ شهبازشريف جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50،50 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.