اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت توشاخانا ريفرنس ڪيس ۾ نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ کان پوءِ سندس جائداد نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه جج اصغر علي جي عدالت ۾ نيب پاران نواز شريف جي جائيداد نيلام ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته نواز شريف جي ملڪ ۾ جتي به ملڪيت موجود آهي ان جي نشاندهي ڪري نيلام ڪيو وڃي ۽ 60 ڏينهن اندر ڊي سي لاهور ۽ شيخوپوره عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪن، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سموريون ملڪيتون نيلام ڪري رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي، نواز شريف جي نالي تي موجود گاڏيون قبضي ۾ وٺي انهن کي به 30 ڏينهن اندر نيلام ڪيو وڃي، جڏهن ته نواز شريف جي بينڪ اڪائونٽس ۾ موجود رقم سرڪاري خزاني ۾ منتقل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنوآهي، درخواست ۾ نواز شريف کي توشا خانا ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ واري فيصلي جو حوالو ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته نواز شريف گذريل 6 مهينن کان عدالت کان مفرور آهي، 6 مهينا گذري ويا هو عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هن عدالت 17 آگسٽ 2020ع تي نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏنو هو، واضح رهي ته نيب پاران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته نواز شريف جا 4 رجسٽرڊ ڪمپنين ۾ شيئرز آهن، اهي ڪمپنيون 3 پرڏيهي بينڪ اڪائونٽس سميت 8 مختلف بينڪن جا اڪائونٽ آپريٽ ڪنديون آهن، نواز شريف جي نالي تي هڪ لينڊ ڪروزر، 2 مرسڊيز گاڏيون، 2 ٽريڪٽر آهن، جڏهن ته لاهور، شيخوپوره، مري ۽ ايبٽ آباد ۾ سندس ملڪيتون آهن.