ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ اسيمبلي 2013ع کان 2017ع تائين اقرا يونيورسٽي، اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي ٽيسٽن ذريعي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل استادن کي پڪو ڪرڻ وارو ترميمي بل پاس ڪري ڇڏيو، انهي بِل ذريعي 2013ع کان 2017ع تائين 5 سالن دوران ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استاد پڪا ٿي ويندا، بل پيش ڪندي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين پير مجيب ٻڌايو ته ڄاڻايل استادن کي 2018ع ۾ بِل پاس ڪري پڪو ڪيو ويو هو، انهي بل ۾ استادن جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي واري سال جي نشاندهي ٿيل نه هئي، جنهن ڪري 2500 کان مٿي استادن کي ڏکيائون پيش اچي رهيون هيون، هاڻ ترميمي بل ذريعي آءِ بي اي، اقرا ۽ اين ٽي ايس ذريعي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل سمورا استاد پڪا ٿي ويندا. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻارن کي تحفظ ڏيڻ واري اٿارٽي کي وڌيڪ بااختيار ڪرڻ وارو بل پڻ پاس ڪيو ويو. انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين پير مجيب “سنڌ ٻار تحفظ اختياري ترميمي بل 2021ع” پيش ڪندي چيو ته هن بل بعد ٻارن جي تحفظ وارو ادارو وڌيڪ بااختيار بڻجي ويندو. ترميم بعد سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سيف هائوس قائم ٿيندا. جڏهن ته چائلڊ پروٽيڪشن آفيسرن کي ٻارن جي اغوا، گمشدگي يا انهن سان ٿيل ناانصافين جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جا اختيار ملي ويندا. انهي بل بعد ٻارن جي تحفظ وارا آفيسر ڪنهن گھر، اسڪول، آفيس يا ايڌي هوم جهڙن ادارن ۾ ٻارن تي تشدد يا زيادتي جي اطلاع تي وزٽ پڻ ڪري سگھندا. جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي اغوا، تشدد، گُم ٿيڻ يا زيادتي جي حوالي سان سندن والدين ڪيس داخل نه ڪرائيندا ته چائلڊ پروٽڪشن اٿارٽي جا آفيسر اهڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا پابند هوندا، گڏوگڏ اٿارٽي جا آفيسر مختلف فيڪٽرين، آفيسن، ڪارخانن، دڪانن يا گھرن ۾ ٻارن بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ جا پڻ پابند هوندا، اسٽريٽ چلڊرن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ سندن تحفظ جي ذميواري پڻ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي هوندي.