ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان اغوا ڄاڻائي لاھور ۾ پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي جي اغوا ڪيس ۾ شاگردياڻي جو طبي معائنو نه ڪرائڻ ۽ چالان جي منظوري خلاف درخواستن جي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس عمر سيال ريمارڪس ڏيندي چيو ته انهي نوعيت جي درخواستن جون ٻڌڻيون ٻين بينچن ۾ ٿينديون آھن، ايندڙ ٻڌڻي تائين جيڪڏھن لاڳاپيل بينچ نه هوندي ته پوءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪري وٺنداسين، ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل چيو ته ميڊيڪل نه ڪرائڻ واري درخواست تي 20 ڏينھن کان اسٽي ھلي رھيو آھي، ياد رھي ته شاگردياڻي جو طبي معائنو ڪرائڻ واري سيشن عدالت جي فيصلي خلاف جوابدار ظھير درخواست داخل ڪرائي  هئي، جڏهن ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ سيشن عدالت جي ميڊيڪل ڪرائڻ واري  فيصلي خلاف اسٽي ڏنو هو.