دوڙ (ن پ ا) دوڙ ۾   ٻئي ڏينهن به برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سم نالن کي بند ڪرڻ خلاف يونين ڪائونسل سن، يونين ڪائونسل ابوالحسن، يونين ڪائونسل منهڙو جي سوين متاثرين اڳوڻي ناظم عبدالجبار ڏاهري، ڪائونسلر چوڌري ظفر اقبال، غلام حسين ڏاهري غلام قمبر مري جي اڳواڻي ۾ مهراڻ هاءِ وي کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  مجاهد رستماڻي، امان الله بروھي، غلام قمبر مري،  محبوب سعيد، خاصخيلي،   امداد ڏاهري،  محمود ڪورائي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  هڪ مهيني کان برساتي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سم نالن کي لڳل گهارا بند نه ٿيڻ ڪري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.