ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ غيرت جي نالي ۾ زال جي قتل واري ڪيس ۾ موت جي سزا خلاف جوابدار غلام رسول جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ،  عدالت چيو  ته جوابدار مقتوله جي وارثن کي 10 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪندو. جوابدار خلاف سندس سالي قاري ھلال احمد 2018ع  ۾ ڊاڪس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ھو، فريادي موقف اختيار ڪيو ھو ته منھنجي ڀيڻ ممتاز بيگم  جوابدار  غلام رسول سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، 2 نومبر 2018 تي منھنجي ڀاڻج ٻڌايو ته ماڻھو گھر ٻاھران گڏ  ٿيل آھن، مون ڀيڻ جي گهر  پهچي ڏٺو ته  ڀيڻ ممتاز جو لاش بيڊ تي پيل هو، سندس پير ٻڌل ھئا، جڏهن ته  ڳاٽي ۾ رسي جا نشان ھئا