شاهه رخ خان جي فلم “پٺان” فلم اوتار 2 جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

0
274

ممبئي(شوبز نيوز) شاهه رخ خان جي نئين فلم پٺان باڪس آفيس تي ڌم مچائي ڇڏي آهي. پٺان باڪس آفيس تي راڄ ڪندڙ فلم اوتار، دي وي آف واٽر کي پوئتي ڇڏيندي مقتول ترين فلم جو اعزاز پنهنجي نانءِ ڪري ورتو آهي

بالي ووڊ فلم پٺان ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ مقبوليت جا جهنڊا کوڙي ڇڏا آهن ايتري تائين جو ڏکڻ آنڊيا جي مقبول ترين فلم آر آر آر ۽ باهوبلي 2 به مقبوليت جي ڊوڙ ۾ پٺان فلم کان پوئتي رهجي ويون آهن

pathaan 1200

25 جنوري تي رليز ٿيندڙ شاهه رخ خان جي فلم پٺان هن وقت تائين عالمي سطح تي 13 ملين ڊالر ڪمائي 10 ڊالر ڪمائيندڙ جيمز ڪيمرون جي فلم اوتار 2 جو رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي.

اوتار 2 ڪووڊ 19 کانپوءِ سيزن جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ مقبول فلم هئي جنهن اسپائيڊر مين نو وي هوم ۽ ايونجرز: انفينٽي وار کي مقبوليت جي هن دور کان ٻاهر ڪيو هو پر هاڻي پٺان فلم باڪس آفيس تي راڄ ڪندڙ واحد فلم بڻجي چڪي آهي

رليز کانپوءِ هن وقت تائين فلم پٺان مقامي طور تي 3 ارب کان وڌيڪ ڪمائي چڪي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي 2 ارب رپيا گڏ ڪري چڪي آهي