سڳيون (ن پ ا) سڳيون سميت تعلقي سوڀوديرو جا اڪثر تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن ۽ استادن جي کوٽ سبب هزارين ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ان حوالي سان گذريل ڏينهن سوين شاگردن سماجي ڪارڪن ميان اسدالله چنو جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مين بوائز پرائمري اسڪول سڳيون، وريل شاھ، ڳوٺ ڌڻي بخش چنا، ڳوٺ پيروز لڪ ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳهڻو ڀاڳت سميت سوڀوديرو تعلقي جا اڪثر اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن ۽ استادن جي کوٽ سبب هزارين ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن کي سوين شاگرد ھجڻ باوجود ايس اين اي کان محروم رکيو ويو آهي. وڏي انگ ۾ اسڪول بلڊنگون زبون حال ٿي چڪيون آهن. هنن سنڌ جي تعليم واري وزير، ضلعي انتظاميا ۽ تڪ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته تعلقي سوڀوديرو جي اسڪولن جي ايس اين اي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪري شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.