ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور مراد واھ کي 30 فٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ان ڏس ۾   ڳوٺ عارب شر وٽ مراد واھ جي ڪڙ کي 30 فٽ گهارو پئجي ويو،  ان حوالي سان ڳوٺاڻن نواب شر ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته ايريگيشن عملدارن زميندارن کان رشوت وٺي غير قانوني موڳا لڳايا آهن ۽ من پسند آبادگارن لاءِ مراد واھ جا گيٽ بند ڪيا ويا جنهن ڪري پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري مراد واھ کي کنڊ لڳو آهي، ٻئي پاسي مراد واھ کي لڳل کنڊ بند ڪرڻ لاءِ آبپاشي عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳل گهارو بند ڪري ڇڏيو.