سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شھر جي اسلم ڪالوني ۾ نوجوان ناري پراسرار نموني فوت، وارثن پاران مڙس تي قتل جو الزام، ان ڏس ۾ شهر جي اسلم ڪالوني ۾ نوجوان ناري رابيا چوهاڻ گهر ۾ پراسرار نموني فوت ٿي وئي اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،  ان حوالي سان ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن ڄاڻايو ته فوتي ناري جي ڳلي تي تشدد جا نشان موجود هئا، وڌيڪ حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي،   ٻئي پاسي فوتي ناري جي ماءُ مسمات پٺاڻي ٻڌايو ته 2 سال اڳ اڳ نور چوهاڻ منھنجي نياڻي کي ورغلائي اغوا ڪري پسند جي شادي ڪئي هئي، ۽ 7 ڏينھن اڳ منھنجي نياڻي جي ڊليوري ٿي، ڌيءَ نياڻي کي جنم ڏنو، اڄ منھنجي نياڻي کي سندن مڙس تشدد بعد گھٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، مونسان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن  سڪرنڊ پوليس ٻڌايو ته ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، حتمي پوسٽ رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪنداسين. پوليس ناري جي مڙس ۽ ڀائيٽي کي تحويل ۾ وٺي جاچ ڪري رهي آهي.