کپرو(ن پ ا) کپرو تعلقي جي ٻوڏ متاثرن جي ڪا به واهر نه ٿي سگهي آهي،  جڏهن ته تعلقي  جي واهڻ ۽ وستين  مان برساتي پاڻي به نيڪال ناهي ٿيو،  گهرن ۾ به گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي،جڏهن ته علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب  مليريا، گيسٽرو خارش ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آھي، متاثرن موجب ته تعلقي اسپتال کپرو سميت سمورن سرڪاري بيسڪ هيلٿ سينٽرن تي  به دوائون به اڻلڀ آھن.