سکر (بيورورپورٽ) سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ ايس پي يو سنڌ پوليس جي اهلڪارن ۽ رٽائرڊ آرمي جوانن بحالي لاءِ سکر هاءِ ڪورٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته 2016 ۾ سي پيڪ منصوبي لاءِ سنڌ پوليس ۾ مستقل بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو هو، پنج سال ڏکين حالتن باوجود ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏني آھي. اسان جا ڪيترائي ساٿي ڊيوٽين دوران شهيد به ٿي ويا. اداري پاران 2020 واري عدالتي فيصلي جي آڙ ۾ اسان جي مستقل نوڪرين کي ڪانٽريڪٽ ۾ تبديل ڪيو ويو. مستقل ڪرڻ بعد اسان کي 2016 جي رول جي خلاف قرار ڏئي هٽايو ويو آھي جيڪا وڏي ناانصافي آھي. ھنن ٻڌايو  ته  1552ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو آهي. مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور سميت لاڳاپيل اختيارين ڪئي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.