خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي مان ٽي سي ايف اسڪول ۾ پڙهندڙ ٽئين ڪلاس جي معصوم شاگردياڻي سميرا ڌيءَ عبدالله راجپوت پراسرار نموني لاپتا ٿي وئي، ڳولا باوجود ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو. خبر موجب خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ ٽي سي ايف اسڪول ۾ ٽئين ڪلاس جي شاگردياڻي سميرا ڌيءَ عبدالله راجپوت پراسرار نموني لاپتا ٿي وئي. ان ڏس ۾ نينگريءَ جي والد عبدالله راجپوت جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ گهران اسڪول لاءِ رواني ٿي پراسرار نموني گم ٿي وئي، اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏنو پر ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هوڏانهن نينگريءَ جي امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. نينگريءَ جي والد ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيون ته نياڻيءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.