خيرپور/ پريالوءِ (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو/ عمران علي اوڍو) خيرپور ويجهو فيض واهه ۾ 2 نينگر ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو. تفصيل موجب خيرپور ڀرسان شاهه حسين ٿاڻي جي حد وارث ڳنڀير ٻاهران گذرندڙ فيض واهه ڪناري راند کيڏندي ٻه نينگر محمد علي پٽ ايڊوڪيٽ اسد الله ڳنڀير، زين العابدين پٽ منٺار ڳنڀير سميت چار نينگر واهه ۾ ڪِري پيا. ٻارن جي دانهن تي علائقي واسين موقعي تي پهچي ٻن ڄڻن کي بچائي ورتو. جڏهن ته اڌ ڪلاڪ جي ڳولا بعد ٻڏي ويل ٻن نينگرن کي ٻاهر ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو، جتي ڊاڪٽرن ٻن ڄڻن زين العابدين ۽ محمد علي ڳنڀير جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪندي ضروري ڪارروائي بعد واش وارثن حوالي ڪيا. فوتي نينگرن جا مڙهه گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو.