سکر: خورشيد شاهه جو پٽ فرخ شاهه عدالت آڏو پيش، نيب اختياريون به طلب

0
202

سکر: پيپلز پارٽي جي ايم پي اي فرخ شاهه مٿان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري مامري ۾ فرخ شاهه اڄ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مصباء الدين جي عدالت ۾ پيش ٿيو ، صوبائي وزير اويس شاهه به عدالت ۾ موجود، ٻڌڻي دوران ڪورٽ روم ۾ پ پ اڳواڻن ۽ غيرلاڳاپيل ماڻهن جي موجودگي تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته غير لاڳاپيل ماڻهن کي ڪورٽ روم مان ٻاهر موڪليو وڃي، جنهن بعد سيشن جج پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو. ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نيب اختيارين کي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.