ڪراچي: وال چاڪنگ جي ڪيس ۾ 4 سالن بعد جوابدار بري

0
323

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٽوڙ ڦوڙ، باهين ۽ وال چاڪنگ جي ڪيس مان 4 سالن بعد جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي. عدالت ناڪافي شاهدين جي بنياد تي چئن سان بعد فيصلو ٻڌائيندي ڪيس مان آفتاب شاهه ۽ عامر کٽياڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو. 2017 ۾ ، ملزمن خلاف سکن پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. وڪيل محمد خان شيخ چيو ته عدالت 4 سالن بعد انصاف ڪيو ، صرف وال چاڪنگ جي الزام تي جوابدارن جي خلاف ڪيس ٺاهيو ويو هو.