سکر: سکر جي ميئر شپ ھڪ ئي گھراڻي تائين محدود، پ پ جو اڳوڻو سينيٽر اسلام الدين شيخ مسلسل ٻہ ڀيرا سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر رھيو، جنھن بعد سندس ڀاءٌ نور الدين شيخ بہ ٻہ ڀيرا ميئر رھي چڪو. جڏھن تہ ارسلان اسلام شيخ جيڪو اسلام الدين شيخ جو پٽ آھي اھو ھڪ ڀيرو ميئر ٿي چڪو آھي اھو ھاڻي پنھنجي والد ۽ چاچي جيان ٻيون ڀيرو ميئر شپ جو اميدوار آھي. اسلام الدين شيخ پھريون ڀيرو 25 مارچ 1980ع کان 04 نومبر 1983ع تائين ميئر رھيو، جنھن بعد 5 نومبر 1983ع کان 06 فيبروري 1986ع تائين اسلام الدين شيخ ٻيون ڀيرو ميونسپل ڪاپوريشن جو ميئر رھيو. جنھن بعد اسلام الدين شيخ جو ڀاءٌ نور الدين شيخ 15 فيبروري 1986ع کان 28 نومبر 1987ع تائين ميئر رھيو، ساڳي ريت نور الدين شيخ پنھنجي ڀاءٌ اسلام الدين شيخ جيان ٻيون ڀيرو 30 ڊسمبر 1987ع کان 05 نومبر 1992ع تائين سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر جي عھدي تي رھيو. اِن بعد اسلام الدين شيخ جو فرزند  بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ  30 آگسٽ 2016ع کان 30 آگسٽ 2020 تائين سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر رھيو. اڻ سڌي طرح ھن وقت بہ سکر ميونسپل ڪارپوريشن ارسلان اسلام شيخ جي ئي ھدايتن تي ھلي رھي آھي. ڇو جو مدو پورو ٿيڻ بعد ارسلان شيخ کي بلدياتي مامرن متعلق وڏي وزير جو خاص معاون مقرر ڪيو ويو ھو، بلدياتي چونڊن واري اعلان کان پوءِ ارسلان شيخ صلاحڪاري واري عھدي تان استعيفي ڏئي بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ بنا مقابلي ڪاميابي ماڻڻ کان پوءِ پنھنجي والد ۽ چاچي جيان ھڪ ٻيون ڀيرو ميئر شپ جو مضبوط اميدوار آھي، جنھن جي سامھون ڪو بہ مضبوط اميدوار سامھون نہ پيو اچي جيڪو شيخن کي ٽڪر ڏئي پارٽي جي قيادت تائين صرف ميئر جي اميدوار طور ئي درخواست ڏئي سگھي.