روهڙي(رپورٽ: نثار چنجڻ) روھڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ سياسي گھراڻا پنھنجا پنھنجا اميدوار آڻڻ لاءِ سرگرم آھن، روھڙي ميونسپل ڪاميٽي لاءِ يعقوب علي شاھ، عرفان دائود پوٽو جيڪو ناصر شاھ جو فوڪل پرسن پڻ آھي ۽ آصف رضا خان مھر مضبوط اميدوار آهن. گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ ميونسپل ڪاميٽي روھڙيءَ جو چيئرمين شڪيل ميمڻ، وائيس چيئرمين آصف علي رضا خان مھر ٿيو هو.