سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ آءِ جي سنڌ سمورن ضلعن جي ايس ايس پيز کي پوليس پراپرٽيءَ تان اڏاوتون خالي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. سکر پوليس طرفان 150 کان وڌيڪ تاجرن کي ھڪ ھفتي اندر دڪان خالي ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري، سوين واپارين پاران ريلي، گھنٽا گھر چوڪ تي ڌرڻو. تفصيل موجب سنڌ ۾ پوليس پراپرٽيءَ تان اڏاوتون ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ اختياريون حرڪت ۾ اچي ويون. مليل ڄاڻ موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان 15 اپريل 2019 تي جاري ڪيل ليٽر ۾ آءِ جي سنڌ کي پابند ڪيو هو ته جيڪڏھن پلاٽس پوليسنگ يا پوليس جي مقصدن لاءِ استعمال ھيٺ ناھن اُھي پنھنجي تحويل ۾ ورتا وڃن. گڏ ڪيل تفصيل موجب پوليس ڊپارٽمينٽ جي وڏي ملڪيت تي سکر، خيرپور، حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو سميت اڪثر ضلعن ۾ رھائشي توڙي ڪمرشل اڏاوتون قائم ڪيل آھن، جن جو ڪرايو پوليس ويلفئير جي مقصد لاءِ ٺھيل اڪائونٽس ۾ ويندو آھي. آءِ جي سنڌ طرفان 03 آڪٽوبر 2022ع تي ضلعي پوليس سربراهن کي ليٽر اماڻي ڄاڻايل ملڪيتون سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشنيءَ ۾ خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، جنھن اڏاوتن ۾ ورھين کان ويٺلن ۾ پريشاني واري لھر پکڙجي وئي آھي. سکر پوليس طرفان 150 کان وڌيڪ دڪاندارن ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي ھڪ ھفتي اندر دڪانن خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. اهڙي صورتحال بعد گذريل ڏينهن واپاري روڊن تي نڪري آيا. سکر جي واپارين بئراج روڊ اي سيڪشن ٿاڻي کان ريلي ڪڍي گھنٽا گھر چوڪ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. اِن موقعي تي واپاري اڳواڻن حاجي ھارون ميمڻ، غلام مرتضيٰ گھانگھرو، ياسين آرائين، شبير ميمڻ، رضوان قادري، شنڪر لعل چندواڻي، قاري لياقت مغل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان 30 سالن کان دڪانن جا ڪرايا پوليس ويلفيئر جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايون ٿا. هر سال 10 سيڪڙو ڪرايو به وڌايو ويندو آهي. سپريم ڪورٽ پوليس جي ملڪيتن تي قبضن ۽ غيرقانوني ويٺلن کان ملڪيتون خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي اسان کي ڪو به اعتراض ناھي. اسان اعليٰ عدالت ۽ پوليس سان اِن معاملي ۾ گڏ آھيون پر آءِ جي سنڌ سپريم ڪورٽ کي حقيقت کي آگاهي ڏيڻ بجاءِ قانوني طور ويٺلن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پوليس جي ملڪيتن تي ويٺلن کان اڏاوتون خالي ڪرائڻ سان بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيندو. هنن مطالبو ڪيو ته جاري ڪيل حڪم نامي تي نظر ثاني ڪري واپارين، مزدورن ۽ سندن خاندانن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو پوري سنڌ اندر وڌايو ويندو.