لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ جي مين بازار ۾ ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ نينگر کان 3 شاهينگ ٻارڙين ٺڳڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي شهرين شاهينگ ڇوڪرين کي سوگهو ڪري ورتو، اسٽور مالڪ خليل الرحمان شاھ ميڊيا کي ٻڌايو ته دوا بهاني آيل شاهينگ ڇوڪرين چيو ته بروفين شيشي ڏيو، ٻي پاسي خاني مان پئسا ڪڍڻ لڳيون، جن کي پڪڙي ورتو، جڏهن ته شاهينگ ڇوڪرين کي اسٽور مالڪ طرفان ڇڏيو ويو. ٻي پاسي لعلورائنڪ پوليس ڇوڪرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس پنهجي اخبار کي ٻڌايو ته جاچ ڪري رهيا آهيون ته ڪنهن جون ڇوڪريون آهن، ڪٿي پروفيشنل اهڙا ڪم ڪندڙ ته ناهن جاچ بعد ڇڏيو ويندو. پڪڙيل ڇوڪرين ۾ رمشا، نذيران ۽ سيما جعفري شامل آهن. پوليس ذريعن موجب ڇوڪرين تي وارهه ۾ به چوري ڪرڻ جو الزام لڳو هو، آخري اطلاعن تائين سندن وارث ظاهر نه ڪيا هئا.