اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سُپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن جي 8 آڪٽوبر تي عام چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال قرآن جي آيت سان ابتدائي فيصلو ٻڌائڻ جي شروعات ڪئي، فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 8 آڪٽوبر تي اليڪشن ڪرائڻ واري 22 مارچ جي حڪمنامي کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن. فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي 22 مارچ واري فيصلي کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ٿو، صدر مملڪت طرفان ڏنل اليڪشن جي تاريخ کي بحال ڪيو وڃي ٿو، آئين ۽ قانون چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏي، اليڪشن ڪميشن 22 مارچ تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو، ان وقت چونڊ عمل پنجين مرحلي تي هو، اليڪشن ڪميشن جي آرڊر سبب 13 ڏينهن ضايع ٿي ويا، اليڪشن ڪميشن غير آئيني فيصلو ڪيو. سُپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏئي اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن، رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيلون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 10 اپريل تي ٿيندي، 17 اپريل تي اليڪشن ٽربيونل اپيلن تي فيصلو ڪندو، پنجاب ۾ اميدوارن جي حتمي فهرست 18 اپريل تي شايع ڪئي ويندي، چونڊ نشان 20 اپريل تائين الاٽ ڪيا ويندا. فيصلي موجب پنجاب جي ملتوي ڪيل اليڪشن جي اڳ ۾ جاري ٿيل شيڊول تي عمل ٿيندو، جڏهن ته خيبر پختونخوا بابت صورتحال ڏسي مناسب فورم تي فيصلو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته پنجاب ۾ چونڊون شفاف، اڻ ڌري ۽ قانون پٽاندڙ ڪرايون وڃن. اعليٰ عدالت پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ وفاقي حڪومت کي 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي  21  ارب رپيا جاري ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ،  جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي فنڊن جي صورتحال بابت رپورٽ 11 اپريل تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو، اليڪشن ڪميشن فنڊ جي رپورٽ بئنچ جي ميمبرن کي چيمبر ۾ جمع ڪرائي، فنڊ نه ملڻ جي صورت ۾ سُپريم ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪندي. فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي پلان ڏئي، پنجاب جي نگران سرڪار، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي اليڪشن جو سڪيورٽي پلان 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ماتحت سڪيورٽي ادارن فوج، رينجرز، ايف سي ۽ ٻي فورس بابت سڪيورٽي پلان 17 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اِهو پڻ قرار ڏنو ته وفاقي سرڪار ۽ پنجاب جي نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ته اليڪشن ڪميشن اِن بابت به سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪري. سُپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته عدالت پهرين مارچ تي 2/3 جي تناسب سان فيصلو ڏنو، سُپريم ڪورٽ جو ڌيان ٻن اقليتي نوٽيسز تي ڏياريو ويو، ججن جي نوٽ ۾ 4/3 جي تناسب وارو معاملو قانون جي خلاف آهي، جسٽس فائز عيسيٰ ۽ امين الدين جي فيصلن جي قانوني حيثيت ناهي. واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي چونڊن ۾ دير واري ڪيس جو فيصلو 6 ٻڌڻين کانپوءِ گذريل ڏينهن محفوظ ڪيو هو. دفاع واري وزارت طرفان هڪ رپورٽ سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ چونڊن لاءِ فوج جي غير موجودگي جاسبب ڄاڻايا ويا.

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا چونڊن بابت سُپريم ڪورٽ جي 3 رُڪني بينچ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ قانون جي وزير طرفان عدالتي فيصلي بابت بريفنگ ڏني وئي، وفاقي ڪابينا چيو آهي ته رد ٿيل ڪيس تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڏيڻ قبول جوڳو ناهي، اقليتي فيصلي کي اڪثريت مٿان زوري نٿو مڙهي سگهجي، ڪابينا اقيلتي فيصلي کي رد ڪري ٿي، اهو فيصلو عمل جوڳو ناهي، وفاقي ڪابينا چيو ته ملڪ وڌيڪ ڪنهن به آئيني يا سياسي بحران جي سٽ نٿو سهي سگهي، حڪمران اتحاد عدالتي فيصلي تي پنهنجو موقف پارليامينٽ ۾ پيش ڪندو، ڪابينا جي اجلاس ۾ اتحادين پاران وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته عدالتي فيصلي بابت آپشنز تي مشاورت لاءِ وزيراعظم اڄ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.