لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته طاقت جو مرڪز فوج بدران سياسي اداري کي بڻائڻ لاءِ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آهي، آمريڪي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ سياسي استحڪام اليڪشن ذريعي ايندو، اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) باجوه ڪرپشن کي خراب سمجهي ها ته اڄ حالتون مختلف هجن ها، آئون اقتدار ۾ هوندي بي وس هئس، اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته حڪمران پريشان آهن ته مون کي ڪيئن ٻاهر رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو مون کي واپس اقتدار ۾ آڻڻ چاهين ٿا.هوڏانهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته سمورن ججن جو موقف هو ته چونڊون ٿيڻ گهرجن، حڪمران ججن ۽ سندن گهرڀاتين تي کُلي عام حملا ڪري رهيا آهن، سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته عدالتي فيصلو عوام لاءِ آهي، ڪنهن پارٽي جي سوڀ ناهي، سپريم ڪورٽ وٽ فوج ناهي، قوم فيصلن جي حفاظت ڪندي آهي، ملڪ ۾ تمام گهٽ موقعا آيا، جڏهن آئين جي حفاظت ٿي، مونکي شڪ آهي ته حڪمران فيصلو قبول نه ڪندا ۽ ڪوشش ڪندا ته ڪهڙي ريت اليڪشن کي آڪٽوبر تائين کڻي وڃن. هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اليڪشن جي خوف کان آئين ٽوڙي ڇڏيو ۽ عدليا کي ڌمڪيون ڏيو، مون دٻاءُ ڏٺو آهي، اندازو ڪري سگهان ٿو ته عدليا تي ڪيترو پريشر آهي، حڪمرانن جي روايت آهي ته ڪڏهن به عدليا کي آزاد رهڻ ناهي ڏنو، هنن بليڪ ميلنگ لاءِ هر قسم جون رڪاڊنگز ڪري رکيون آهن. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته اسانجو روڊ ميپ اليڪشن آهي، ٻڌو آهي حڪومت فيصلو نه مڃيندي، هنن جو خيال آهي ته آڪٽوبر تائين سڀ ڪجهه تيار ٿي ويندو ته پوءِ اليڪشن ٿينديون، مونکي روڊ ميپ ڏنو وڃي، مونکي ٻڌايو ته هن وقت پئسا ناهن ته آڪٽوبر ۾ ڪٿان ايندا، اڄ سيڪيورٽي صورتحال خراب آهي ته آڪٽوبر ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪيئن بهتر ٿيندي. عمران خان چيوته لنڊن ۾ پلان ٺهندو آهي، اتي فيصلو ٿيندو آهي ته ليول پليئنگ ڇا هوندي؟ آئين ۾ آهي ته الله کانپوءِ ملڪ جا فيصلا چونڊيل نمائندا ڪندا، جن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني آهي، اهي خوشحال آهين، آئين چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، اسان پنهنجون 2 صوبائي حڪومت ختم ڪيون، اسان جا ڪافي ماڻهو خوش نه هئا، اسانجي بدترين مخالفن کي نگران حڪومت ۾ ويهاريو ويو، ڪنهن جمهوريت ۾ ڪنهن پارٽي تي ايترو ظلم ناهي ٿيو، جيترو اسان تي ٿيو آهي، اسانجي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، تشدد ڪيو ويو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان عدالتن تي اعتماد رکيو، هنن ڪڏهن به عدالتن کي آزاد ڪم ڪرڻ نه ڏنو، حڪمرانن کي اهو عدل پسند آهي، جيڪو هنن جي حق ۾هجي، جيڪا عدالت هنن خلاف فيصلو ڪندي آهي، ان خلاف مهم هلائي ويندي آهي.عمران خان چيو ته عدالتي فيصلي تي اڄ رات 9 وڳي جشن ملهايو ويندو، اسان کي ان ڪري به خوشي ملهائڻ گهرجي ته حقيقي آزادي جي راهه انصاف آهي.