سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ ملٽري لينڊ تي ڪمرشل سرگرميون ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

0
216
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ ملٽري لينڊ تي ڪمرشل سرگرميون ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، اسٽريٽيجڪ زمينن تي ڪمرشل سرگرميون ڪيون پيون وڃن، دفاعي ادارن جو ڪم ڪاروباري سرگرميون، شادي هالز ۽ سئنيما گهر هلائڻ ناهي

 سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ ملٽري لينڊ تي ڪمرشل سرگرميون ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر ملٽري لينڊ پيش، چيف جسٽس گلزار احمد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جو طريقو اهو آهي ته وڏيون ڀِتيون تعمير ڪريو، پوءِ ڪابه خبر ناهي پوندي ته اندر ڇا ٿي رهيو آهي

ڊي ايڇ اي فيز چار ۾ ڪير بلڊنگ ٺهرائي پيو، فيصل ڪينٽونمينٽ ۾ ڪمرشل پلازه ۽ شادي هالز ٺاهي ڇڏيا، سي او ڊي ۾ شادي هالز ۽ سئنيما گهر هلن ٿا، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته دفاعي ادارن جو اهو ڪم نه آهي، پر هڻن نفعي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ڊائريڪٽر ملٽري لينڊ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

ھي به پڙھندا

سڄي شهر جي مشينري وٺي وڃو ۽ نسلا ٽاور کي ڪيرايو: چيف جسٽس جو ڪمشنر ڪراچي کي حڪم