ناميارو ليکڪ رسول ميمڻ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

0
272
ناميارو ليکڪ رسول ميمڻ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو
ناميارو ليکڪ رسول ميمڻ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: سنڌي ٻولي جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ ميرپور خاص ۾ دلس جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، 1 جنوري 1956ع تي سکر ۾ جنم ورتو. رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ سـان شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پهريون شعر 1976ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشهور اديب رزاق مهر شايع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي ’مارو پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ۾ ڇپي. رسول ميمڻ، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو

هن وقت تائين ســندس ڪهاڻين جا پـنـج ڪــتاب: (1) ’امن جي نالي‘ (1977ع)، (2) ’ڪـافـر ديــوتا‘ (1979ع)، (3) ’چـچـريل زندگين جا قافلا‘ (1981ع)، (4) ’ابابيل جي اڏام‘ (علامتي ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ (5) ’فونو‘ (2010ع) ڇپيل آهن. ان کانسواءِ هن جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’اُوشا جي آشا‘ (1979ع) ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن بابت ترجمو ٿيل هڪ ڪتاب ’ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن‘ (1988ع) پڻ ڇپيل آهن