خيرپور (رپورٽر) خيرپور واسي استاد ۽ خطاط نعمت الله سولنگي قرآن پاڪ جو قلمي نسخو لکي مڪمل ڪري ورتو. نعمت الله سولنگي سريلي آواز ۾ حمد، نعت ۽ مولود پڻ چوندو آهي. هُو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ تيزيءَ سان  ابتي پاسي کان لکي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. نعمت الله سولنگي سنڌي، اردو، براهوي، پنجابي سميت مختلف ٻولين ۾ نعت خواني پڻ ڪندو آهي. قرآن پاڪ جو قلمي نسخو تيار ڪندڙ خطاط جو چوڻ آهي ته ٽي سال اڳ پهرين رمضان تي هٿ سان قلمي قرآن لکڻ جي شروعات ڪئي، جنهن کي تازو ئي مڪمل ڪري ورتو آهي.