ڪابل (م ڊ) افغان طالبان دهشتگردي ۽ سلامتي بابت پاڪستان جي ڳڻتي کي درست قرار ڏئي ڇڏيو ، طالبان سي پيڪ ۾ به شموليت جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ ۾ شموليت چاهيون ٿا، پاڪستان جا دهشتگردي ۽ سلامتي بابت خدشا درست آهن، جيڪي ختم ڪنداسين، پاڪستان کي جيڪي خدشا آهن، اهي ختم ڪيا ويندا. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته افغاستان سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪزغستان ۽ پاڪستان ۾ 4 ملڪي بجلي منصوبي ڪاسا کي به پڄاڻي تائين پهائڻ جو عزم رکون ٿا، طالبان ترجمان وڌيڪ چيو ته افغان قومي حڪومت جي جوڙ جڪ ۾ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو ويندو، نئين حڪومت عبوري هوندي، جنهن جو اعلان جلد ٿيندو، سپريم ليڊر هيبت الله آخونزاده جلد عوام سامهون ايندو، عالمي برادري افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪري، هر ملڪ سان مثبت لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته نئين افغان حڪومت ٺهڻ بعد عورتن کي صحيح وقت تي احتجاج ڪرڻ آواز اٿارڻ جو حق آهي، ذبيح الله مجاهد ڪابل ايئرپورٽ تي سامان تباهه ڪرڻ تي آمريڪا تي به سخت تنقيد ڪئي. طالبان ترجمان اڳوڻن افغان فوجين کي نئين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي به آڇ ڪري ڇڏي. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته فوج جا اڳوڻا سپاهي ٻيهر ملڪي فوج جو حصو بڻجي وڃن. هن چيو ته گذريل 20 سالن کان آمريڪا کان سکيا وٺندڙ فورسز کي طالبان ميمبرن سان گڏ سيڪيورٽي ادارن ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ جو چيو آهي. گڏوگڏ طالبان ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن طالبان ويڙهاڪن خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس دوران پنجشير وادي جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته افغانستان ۾ هاڻ جنگ جو دور ختم ٿي چڪو، پنجشير جي سمورن ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

 

ڪابل: افغانستان ۾ قومي مزاحمتي فورس جي سراهه احمد مسعود افغان عوام کي سڄي ملڪ ۾ قومي بغاوت جي تحريڪ شروع ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، پنجشير تي طالبان جي قبضي واري دعويٰ تي رد عمل ۾ احمد مسعود چيو ته پنجشير ۾ مزاحمتي فورس جي اڃا جنگ جاري آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل آڊيو پيغام ۾ احمد مسعود افغان عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ طالبان خلاف بغاوت شروع ڪئي وڃي ۽ اها ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف قائم ٿيڻ تائين جاري رکي وڃي. احمد مسعود طالبان تي واعدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي چيو ته طالبان تبديل ناهن ٿيا، طالبان اڳ کان وڌيڪ شدت پسند ثابت ٿي رهيا آهن، اسان مقامي عالمن جي چوڻ تي جنگ روئي هئي پر طالبان دوکو  ڏئي حملو ڪيو، آچر ڏينهن حملي ۾ منهنجا رشتيدار ۽ سياسي ساٿي مارجي ويا آهن. مزاحمتي فورس جي سربراهه احمد مسعود عالمي برادري کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عالمي برادري طالبان کي عسڪري ۽ سياسي طور مضبوط ٿيڻ جو وقت ۽ موقعو فراهم ڪيو، تاريخ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندي ته ڪهڙا ملڪ افغانستان جا حقيقي دوست آهن.