اسلام آباد: سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي پيپلزپارٽي  سان تعلق رکندڙ چيئرمين تاج حيدر پارلياماني ڪاميٽي  ۾ حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت آڻڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين پاران هڪ وڌيڪ ميمبر مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي پارٽي جي شديد احتجاج باوجود ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ قبول ڪرڻ ۽ نئين مقرر ٿيل ميمبر جي ڪاميٽي ۾ آجيان ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه اهڙو اعلان هن ڪاميٽي جي اجلاس دوران ڪيو.