اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي پارٽين  تڪڙ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ڪرڻ تي چونڊون رحمت بجاءِ زحمت ۽ بلا بڻجي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪندي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ تي اعتراض واري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن ڪاميٽي کي تصديق ڪندي  ٻڌايو آهي ته حڪومت پاران تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ ووٽر سڃاڻپ جي جي اهليت ناهي تفصيل موجب سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي چيئرمين تاج حيدر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سائنس ٽيڪنالاجي جي وزارت پاران تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ان جي استعمال سان ووٽ رد يا ضايع ٿيڻ جو ڪو تصور نه  هوندو، سائنس ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته تڪراري چونڊن کان بچڻ لاءِ واحد رستو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آهي، پيپلز پارٽي جي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ووٽر جي سڃاڻپ ڪيئن ڪندي؟ جعلي ووٽر  کي ڪيئن روڪيندي؟ پيپلزپارٽي جي ميمبر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين واري مامري کان پهريان اهو ڏسڻ گهرجي ته هي ڪوشش قانون تحت آهي يا نه؟ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين ڪاميٽي کي ٻڌايو تهمشين مان ووٽ جي پرچي ووٽر جي هٿ ۾ اچي ٿي، جنهن سان ووٽ جي رازداري متاثر ٿي سگهي ٿي، ووٽر جي سڃاڻپ ڪو آپشن ناهي، جنهن ڪري بايوميٽرڪ سسٽم لاءِ مشين الڳ ۽ ووٽنگ پراسيس ۽ ووٽن جي ڳڻپ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين  رکڻي پوندي، بيلٽ پيپر جي ڪائونٽر رڪارڊ جو ڇا ٿيندو؟، چونڊ نتيجا چيلينج ٿيا ته اتي حل ڪيئن نڪرندو؟هر پولنگ اسٽيشن تي 8 مشينون رکڻيون پونديون، 20 کان وڌيڪ اميدوار ڪنهن تڪ تي هوندا ته ان لاءِ وڌيڪ مشين رکڻي پوندي، ايلفي وجهي مشين کي بلاڪ ڪري سگهجي ٿو. فاروق نائيڪ چيو ته بنا تجربي جي مشين تي ڀروسو ڪرڻ وڏو مسئلو ٿيندو، مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته چونڊن ۾ اصل ڌانڌلي پري پول رگنگ واري ٿيندي آهي، پري پول رگنگ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي، ان کي ڪيئن ختم ڪيو ويندو؟فاروق نائيڪ  چيو ته جلد بازي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال رحمت بجاءِ زحمت بڻجي ويندي.