سيوھڻ (ن پ ا)  آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو ورڪز يونين حيسڪو سيوھڻ جي گڏجاڻي ٿي گذري، چوٿون ڀيرو ساڳي باڊي اڪثريتي راءِ سان بنا مقابلي ڪامياب  ٿي، جنھن ۾ چيرمين سھيل ميمڻ, وائيس چئرمين محمد يوسف ڄام سمون جنرل سيڪريٽري سلطان احمد ڀٽي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري وحيد سومرو ۽ محمد  چونڊجي ويا بعد ۾ عھديدارن پاران مٺايون ورهائڻ بعد درگاھ قلندر جي مزار تي پھچي چادر چاڙهي حاضري ڀري.