خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد سان ملاقات ڪري کيس هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. ڊاڪٽر ابوپوٽي ان موقعي تي ڊاڪٽر مختار احمد کي سنڌي اجرڪ جو تحفو ڏنو ۽ ساڻس گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار جي بھتريءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.