مٽياري  (رپورٽر)  مٽياري قومي  شاھراھ تي سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾  سيکاٽ بس اسٽاپ وٽ رڪشا چنگچي ڪلٽي ٿي پئي حادثي ۾  ست عورتون سخت زخمي ٿي پيون زخمي عورتن کي تعلقا اسپتال مٽياري  منتقل ڪيو ويو . ان ڏس ۾ قومي ڍشاھراھ تي سيکاٽ بس اسٽاپ وٽ  کبير کان مٽياري رڪشا چنگچي اچي رهي هئي ته قومي شاھراھ تي ڪلٽي ٿي  جنهن ۾ مسافر  عورتون سخت زخمي ٿي پيون . زخمين ۾ ڪزبانو شھزادي. پري. امام زادي. سسئي ساجدا. سخت زخمي ٿي پيون زخمين کي طبي امداد لاءِ  تعلقه اسپتال مٽياري پھچايو ويو ٻن عورتن کي پري ۽ امام زادي کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.