سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب عورت مسمات حاجاڻي جي فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ انصاف نه ملڻ خلاف عورت جي مڙس شمن ملاح جي اڳواڻي ٻين وارثن انڊس ھاءِ وي روڊ تي ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاج ڪيو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن ڪري مسافر گاڏيون ٻنھي روڊن تي قطارن ۾ بيهجي ويون. گرمي سبب مسافرن ۽ مظاهرين ۾ وقفي وقفي سان جهڙپون ٿينديون رھيون. عورت جي مڙس چيو ته منهنجي گهر واري مسمات حاجاڻي کي 10 ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل تان ڪرڻ سبب ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو ھو جنهن کي سيوھڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽوٽ اسپتال ۾ پھچايو جتي ڊاڪٽر قمر باريجو پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب گهر واري فوت ٿي وئي جنهن بابت اڃان تائين انصاف نه مليو آهي جنھن ڪري اسان مجبور ٿي روڊ بند ڪيو آھي ھن ايس ايس پي ڄامشورو ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڊاڪٽر خلاف ايف آء آر داخل ڪري کيس گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ٻن ڪلاڪ گذرڻ بعد ايس ايڇ او سيوھڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي متاثرين سان ڳالهيون ڪري يقين ڌياني ڪرائڻ بعد روڊ کولايو ۽ مسافر گاڏين کي پنھنجي منزل طرف روانو ڪري ڇڏيو.