ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار، ليکڪ، سنڌي ادبي سنگت ميرپورخاص جو سيڪريٽري ميان گل محمد ڪلهوڙو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ميان گل محمد ڪلهوڙي کي ميرپورخاص جي ڳوٺ ميان گل محمد ڪلهوڙي ۾ گهر اندر اوچتو دل جو دورو پيو جنهن سبب سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو. ميان گل محمد ڪلهوڙي جي لاڏاڻي جي خبر تي سڄي سنڌ اندر ادبي حلقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. نوجوان ڪهاڻيڪار گل محمد ڪلهوڙي جون آخري رسمون سندس ڳوٺ ۾ ادا ڪيون ويون. سندس جنازي نماز ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن بعد سندس مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آخري رسمن ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن، قومپرست اڳواڻن نواز خان زنئور، تاج جويو، علي حسن چانڊيو، روپلو جويو، معشوق شر، عاقل ڪلھوڙو سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران ميان گل محمد ڪلهوڙي جو وڇوڙو سنڌي ٻولي، جديد سنڌي ڪهاڻي ۽ تعليم جو وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.